SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Counter Force Strategy

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kauntər
  • fɔːs
  • strætədʒiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Counter Force Strategy

ڪائونٽر فورس اسٽريٽيجي

جوابي طاقت جو عقلائتواستعمال

هي اصطلاح دُشمن خلاف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان جون مکيه عملي شڪليون ٻه آهن.(1)سوچيل فيصلي مطابق سگهاري دشمن جي جٿي کي نشاني تي رکڻ، (2) لڙائي شروع ٿيڻ کانپوءِ نفسياتي حملن جو سلسلو جاري رکڻ. ٿڌي ويِڙهه جي زماني ۾ بين الاقوامي ناتن ۾ اِن اصطلاح کي ”صلاحيت“ جي نالي سان تنگ نظريي طور استعمال ڪيو ويو. ”ائٽمي ويڙهه“ جي حڪمت عملي جوڙيندڙ ماهر”مخالف طاقت - صلاحيت يا لياقت“ کي هٿيارن جا انبارڪٺا ڪرڻ جي ان حڪمت عمليءَ سان ڀيٽ ڪن ٿا، جنهن ذريعي مخالف کي سندس حملي کان اڳ بي هٿيار ڪجي. هن حڪمت عمليءَ ۾ ڪنهن خطي ۾ هڪ ملڪ جي سگهه ۽ اثر کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ اصطلاح ٻي مهاڀاري لڙائيءَ (45 – 1939ع) کانپوءِ دنيا جي سياسي پِڙ ۾ ڏاڍي شهرت ماڻي. يورپ ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪن جو اثر گهٽائڻ لاءِ سوويت يونين ۽ سندس ساٿاري ملڪن جي حڪمت عملين، جهڙوڪ: وارسا معاهدو ڪرڻ، جاسوسي نيٽ ورڪ جوڙڻ ۽ پروپئگنڊا جي حڪمت عمليءَ وغيره ذريعي ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت خلاف پاڪستان به ساڳئي قسم جي حڪمت عملي جوڙي آمريڪا جي بچاءَ واري اڳوڻي وزير رابرٽ مڪنامارا 1961ع ۾ هيءَ حڪمت عملي شروع ڪئي، جنهن جو مقصد ائٽمي لڙائيءَ کي محدود ڪرڻ هو. هن سوچ هيٺ دُشمن جي مُختلف شهرن کي نشانو بنائڻ بجاءِ، اُن جي ائٽمي هٿيارن کي حرڪت ۾ اچڻ کان اڳ ئي ناڪاره ۽ دُشمن جي فوجي صلاحيت کي برباد ڪرڻو هوندو آهي


Remember Me Also:

ليش

لِيشَ جمع لِيشُون (ل)

ذ . مِٽي يا رنگ جو خراب لِيڪو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal